امر ڀٽي

امر ڀٽي: امر ڀٽيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد راجپوت ولد شمس الدين راجپوت آهي ، هن 1961ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو . پرائمري تعليم زينت السلام اسڪول مان ۽ مئٽرڪ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سيٺارجا مان حاصل ڪيائين . گريجوئيشن گورنمينٽ ڪاليج ڪاري موري حيدرآباد ، ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري مان ڪيائين . 1982ع کان واپڊا ، تعليم ، لوڪل ، گورنمينٽ ۽ ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ ۾ مختلف حيثيتن سان سرڪاري ملازمت ڪندو پيو اچي . هن وقت سيڪريٽري آر . ٽي . اي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي . عبدالمجيد امر ڀٽي بنيادي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ سماجي ڪمن ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو . ادب سان وابسته هئڻ ڪري سنڌي اخبارن ۾ ڪالم لکڻ شروع ڪيائين . ڪالمن ذريعي سنڌ ۾ رهندڙ سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن وچ ۾ ويجهڙائي پيدا ڪرڻ کي جي ڪوشش ڪيائين . هن سنڌيءَ ۾ 200 کان وڌيڪ ڪالم لکيا آهن . ان کان سواءِ شاعري جا ٻه مجموعا به ترتيب ڏنل اٿس . امر ڀٽي سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ آساخبار جو باني آهي ، جيڪا گذريل ستن سالن کان باقاعدي ڇپجي رهي آهي . امر ڀٽي تعليم جي ميدان ۾ شاگردن لاءِ مختلف ادارا به قائم ڪيا آهن ، جن ۾ ايڪوئپ الشمس اڪيڊمي ۽ نيپ ايجوڪيشن اڪيڊمي قابل ذڪر آهن . ان کان سواءِ مختلف ادارن جي سرپرستي به ڪندو پيو اچي ۽ سماجي حوالي سان مختلف سماجي تنظيمن سان گڏ ڪم ڪرڻ کان سواءِ ’شمس ادب و آگهي ‘ جو چيئرمئن پڻ آهي . هن جو پنهنجي اداري ۾ سنڌي ٻولي اٿارٽيءَ جي سهڪار سان اردو ڳالهائيندڙن لاءِ سنڌي ڪلاسن هلائڻ ۾ وڏو ڪردار آهي ، جتي ٻه ڪامياب سيشن هلي چڪا آهن .


لفظ امر ڀٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.00.00  عيسوي

امر ڀٽي: امر ڀٽيءَ جو اصل نالو عبدالمجيد راجپوت ولد شمس الدين راجپوت آهي ، هن 1961ع ۾ حيدرآباد ۾ جنم ورتو .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڄيٺانند ڀوڄراڄ پنجابي
راڻو چندن
ٽالپر مير شير محمد خان
پنڪچ آڏواڻي
عبدالواحد هاليپوٽو
ڀرڪيو شيخ ڪاتيار
سيد گوهر علي شاهه صوفي
خانبهادر عظيم خان دراني
جميلا نرگس
طالب الله مخدوم
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون